جلال چانڊيو

جلال چانڊيو

جلال چانڊيو

جلال چانڊيو: جلال خان ولد حاجي فيض محمد چانڊيو 1948ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ ڄائو. پاڻ مشهور عوامي راڳي هو. جلال چانڊيو نصابي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. سندس مائٽ مالوند ماڻهو هئا، جنهن ڪري هن ننڍي هوندي مال چاريو. شروع کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو ۽ مال چاريندي پنهنجي منهن پيو جهونگاريندو هو. جڏهن ٿورو وڏو ٿيو ته مائٽن کيس نوان جتوئي ۾ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو. جنهن کان پوءِ کيس اوچتو عشق جي چوٽ لڳي ويئي ۽ هن درزڪو ڌنڌو ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي باقاعدي سکيا ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر کان ورتائين. پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو ۽ پوءِ استاد جي اجازت سان 1973ع کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي هن جي ڳائڻ واري نرالي انداز ٻڌندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان وقت سنڌ جي ڳوٺن ۾ اردو ۽ پنجابي ڳائيندڙن کي تمام گهڻي مقبوليت هئي. جلال جي انوکي انداز انهن غير سنڌي فنڪارن جي سنڌ مان پڄاڻي ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ مٿس شهرت، عزت ۽ دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهرجهنگ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ کيس سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه سڏيو ويو. هن سنڌي موسيقيءَ ۾ انوکا رڪارڊ قائم ڪيا. جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن جون ڳايل سنڌي ڪيسيٽون اهي ماڻهو به ٻڌن ٿا، جيڪي سنڌي ٻولي پوري طرح سمجهن ئي ڪو نه ٿا، پاڪستان جي چئني صوبن کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي سنڌي رهن ٿا اتي کيس ٻڌو وڃي ٿو. ويهين صديءَ ۾ ڪنور ڀڳت، ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائي کان پوءِ جلال چانڊيو سنڌ ۾ اهڙو عوامي فنڪار پيدا ٿيو، جنهن ٻهراڙيءَ توڙي شهرن ۾ سنڌي راڳ کي اوج ڏياريو. پاڻ سنڌ جو پهريون فنڪار آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ئي سندس حياتي تي فلم ”جلال چانڊيو“ ٺهي. ان فلم ۾ هن پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو ۽ انهيءَ فلم لاءِ کيس اوارڊ به مليو. اڄ جا ڪيترائي فنڪار پنهنجا اصل نالا مٽائي سندس نالي پٺيان پاڻ کي ننڍو جلال، آخري جلال، گرم جلال، سهڻو جلال وغيره سڏرائي سندس آواز جو نقل ڪري، سندس ڳايل ڪافيون ڪلام ڳائي پيٽ گذر ڪري رهيا آهن. جلال چانڊيو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن 10 هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا. هن جي هر ڪيسيٽ هٿوهٿ کپي ويندي هئي. کيس جيڪڏهن ڪو شادي وغيره جي تقريب ۾ راڳ ڳائڻ لاءِ گهرائيندو هو ته ان لاءِ شادي جي تاريخ اڳواٽ جلال کان مقرر ڪرائڻي پوندي هئي. جڏهن شادي مرادي جي تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ پهچندو هو ته جلال جو ٻڌي ٻيڻا ٽيڻا غير دعوتي ماڻهو اچي نڪرندا هئا ۽ ميزبان لاءِ ماني کارائڻ به ڏکيو ٿي پوندو هو. جلال چانڊيي جو حافظو به تمام سٺو هو. اڻ پڙهيل هوندي به کيس نون پراڻن سوين شاعرن جا هزارين ڪلام، ڪافيون، گيت، غزل، وايون، بيت، ڏوهيڙا وغيره ياد رهندا هئس. اڄ جا اڪثر راڳي ڳائڻ مهل پنهنجي سامهون شاعريءَ جو ڪو ڪتاب يا ڪاپي کولي ويهندا آهن، پر جلال جڏهن ڳائيندو هو ته دل جو دفتر کولي ويهندو هو ، ڪلام ۽ ڏوهيڙا چوندو ويندو هو. سندس ڳائڻ ۽ يڪتاري چپڙي وڄائڻ جو انداز پڻ من موهيندڙ هوندو هو. سندس آواز لچڪدار ۽ وڻندڙ هو. سندس آواز جو اهو جادو آخر تائين قائم ر هيو. قداور جسم، بت ۾ ڀريل ويڪري ۽ سهڻي چهري تي ڪارا ڀنڀور ۽ وڏا شهپر. مٿي تي هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ وڏي پتلي سان سوني زنجير، ٻانهن ۾ گهڙي پاتل، سنڌي پوشاڪ ۾ ملبوس جلال چانڊيو جڏهن هڪ هٿ ۾ سنڌ جو قديم ساز يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙيون کڻي اسٽيج تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهو جهومي پوندا هئا. هو ٺيٺ سنڌي موسيقيءَ جو راڳي هو. جلال چانڊيي جي پيرن فقيرن سان به وڏي عقيدتمندي هئي. شاهپور جهانيان جي مهدي شاهه کي پنهنجو مرشد ڪيائين. ان کانسواءِ پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو درگاهه نور شاهه سميت شاهه لطيف، قلندر شهباز، سچل سرمست، ڄام ڏاتار ۽ ٻين بزرگن جي درگاهن تي حاضر ٿي وڏي چاهه سان ڳائيندو هو. پاڻ نهايت يار ويس، مهمان نواز، خوش مزاج جوان هو، ڀلا گهوڙا ۽ مينهون ڌارڻ سندس مشغلو هو. سندس فني خدمتن عيوض کيس ڪيترائي انعام اعزاز پڻ مليا، جن ۾ سنڌ سرڪار پاران 1999ع ۾ کيس مليل ’لطيف اوارڊ‘ به شامل آهي، عوام طرفان به سندس ڪافي قدرداني ٿي هئي. لاڙڪاڻي جي گوپانگ برادريءَ پاران کيس سونو تاج پارايو ويو. ڪيترائي ڀيرا دبئي، مسقط ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن خاص طرح سان اتي گهرائي، ساڻس محفلون مچائي کيس وڏن انعامن اڪرامن سان نوازيو. گڙدن جي بيماريءَ سبب 10 جنوري 2001ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جو هيءُ واحد فنڪار هو، جنهن جي جنازي تي چار هزار اجرڪ پيا.


لفظ جلال چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.00.00  عيسوي

جلال خان ولد حاجي فيض محمد چانڊيو 1948ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ ڄائو .


2001.00.00  عيسوي

جلال چانڊيي گڙدن جي بيماريءَ سبب 10 جنوري 2001ع ۾ وفات ڪئي. .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رائو شيرالزمان
ڄام بايزيد سمو
چانڊيو نواب غيبي خان
ارشد محمود
راشدي سليم
حڪيم غلام محمد شاهاڻي
علي نواز خان ڌاريجو
سر عبدالرشيد جسٽس
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
بهار علي بهار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون